درگاهي ميراڻي

درگاهي ميراڻي

درگاهي ميراڻي

درگاهي ميراڻي: ناليواري شاعر درگاهي ميراڻي ولد واحد بخش ميراڻيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان هو. سندس والده بيگم فقيرياڻي سنڌ جي ناليواري فنڪاره ٿي گذري آهي. درگاهي ميراڻيءَ جو جنم 5 مارچ 1942ع تي ڳوٺ انباهه (هنباهه) لڳ چڪ، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. اڳتي هلي روهڙيءَ ۾ مستقل رهائش پذير ٿيو، جتان هن 1959ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول روهڙيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. 1963ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر مان بي. اي ۽ 1968ع ۾ ايم. اي، انگريزي ادب ۾ ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگيءَ جو آغاز 1968ع ڌاري ٽريزريءَ ۾ ڪلارڪيءَ سان ڪيائين. 1976ع ۾ گھوٽڪيءَ جي ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ اڪائونٽنٽ ٿيو. اها نوڪري به ڇڏي ڏنائين. 1978ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، 1979ع کان سي. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
درگاهي ميراڻي استاد جي حيثيت سان شڪارپور ۽ روهڙيءَ ۾ وڏي خدمت ڪئي. هن ادب، شاعري، راڳ ۽ ترجمي نگاريءَ ۾ نالو روشن ڪيو. هن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. ليڪن کيس ڪافيءَ تي دسترس حاصل هئي. وڏا وڏا راڳي سندس شاعري ڳائيندا هئا. وٽس هر هفتي وڏي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي. هن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ بيدل فقير جي ڪجهه شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪئي هئي. دل جي دوري پوڻ سبب 23 اپريل 1988ع تي وفات ڪري ويو. هن ادب جي دنيا ۾ هڪ شاعر طور قدم رکيو. پختو شاعر ۽ اديب هو. شاعريءَ ۾ پهرين ’ديوانو‘ تخلص اختيار ڪيائين. ان کان پوءِ ’درگاهي ميراڻيءَ‘ جي نالي سان لکيائين. سندس وفات کانپوءِ سندس چونڊ شاعريءَ جو مجموعو سندس لائق فرزند ۽ ناليواري شاعر اختر درگاهيءَ ’سندي سڪ پرين‘ (1992ع) جي عنوان سان ڇپايو آهي. ان کان سواءِ سندس ڪافين جا ننڍڙا ننڍڙا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.


لفظ درگاهي ميراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.03.05  عيسوي

درگاهي ميراڻيءَ جو جنم 5 مارچ 1942ع تي ڳوٺ انباهه (هنباهه) لڳ چڪ، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.


1988.04.23  عيسوي

درگاهي ميراڻي دل جي دوري پوڻ سبب 23 اپريل 1988ع تي وفات ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الطاف عباسي
ارشاد سومرو
شاهنواز مسافر
حداد حاجي محمد
اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
سنتل
آدم هنڱورجو
افضل سولنگي
امداد سروري
محمد عثمان جمالي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون